راج ڪرتهه

راج ڪرتهه

راج ڪرتهه

راج ڪرتهه (ڪتاب): اسٽيج آرٽ ڊرامن تي مشتمل هيءُ ڪتاب جديد سنڌي ادب جي ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار منظور ڪوهيار جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اسٽيج آرٽ ڊرامن جي سيريز تحت چار مختلف تاريخي ناٽڪ شامل آهن، جن ۾ پريميڪا، بادشاهه سلامت، فرنگي ۽ شاهه بهارو ڊراما شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ٽن ناليوارن ليکڪن: ڪشنچند بيوس، غلام عباس قادري ۽ رزاق مهر کي ڪيل آهي. پبلشر نوٽ ۾ مشهور شاعر سعيد سومرو لکي ٿو ته: “راج ڪرتهه، ان حسناڪ حصي جو رهيل پاسو آهي، جنهن ۾ منظور ڪوهيار جي سليس ٻوليءَ جو جلوو هر ڊرامي جي جدا ڪهاڻيءَ ۾ الڳ انداز سان نمايان آهي.” هي ڪتاب نه رڳو اسٽيج ناٽڪ جي فن جو شاهڪار نمونو آهي، بلڪه اتهاسڪ ورقن تي وکريل، ته وسري ويل ڪهاڻين کي نئين دور جي تناظر ۾ پيش ڪرڻ جو اعلى فن به آهي.
128 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ڪنول پبليڪيشن آڪٽوبر 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو